ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ انڊس ھاءِ وي تي کلي آسمان هيٺ ويٺل ٻوڏ متاثر  ڳوٺ ورند جا ڀاڻ جو رھواسي معصوم نينگر واجد علي کوسو  بک ۽ بيمارين وگهي فوت ٿي ويو،  فوتي نينگر جي وارثن پاران انتظاميه ۽ تعلقي اسپتال جي  ڊاڪٽرن خلاف احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته غذائي قلت سبب معصوم  نينگر بيمار ٿي پيو، جنھن بابت اسان ڊاڪٽرن توڙي مختيارڪار ۽ ٻين اڳيان دانھون ڪندا رھياسين پر واھر ۽ اعلاج نه ٿيڻ سبب معصوم نينگر فوت ٿي ويو آھي، ھنن چيو ته ٻوڏ اسان جو سڀ ڪجھه تباهه ڪري چڏيو آھي پر اسان جي جگر جي ٽڪڙن جون به حياتيون کسي ورتيون آھن، ڪا به واھر نه ٿي ڪئي وڃي.