ميھڙ/ڀان سيدآباد (نمائندن وٽان) ميهڙ ۾ ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار ويٺل، بک ۽ بروقت علاج نه ٿيڻ سبب پيءُ ۽ ڌيءُ سميت 3 ڄڻا فوت، ان ڏس ۾ انڊس ھاءِ وي توڙي مختلف علائقن ۾ بي يارو مددگار ويٺل ٻوڏ متاثرين بک بدحالي، غذائي قلت ۽ اڃ وگھي مرڻ تي مجبور بڻجي ويا آھن، ضلعي انتظاميا سندن واهر ناهي ڪئي،  ميھڙ انڊس ھاءِ وي تي کليل آسمان ھيٺ ويٺل کھڙا ڳوٺ جا رھواسي ٻوڏ متاثر پيرسن علي حسن پاھي ۽ سندس نوجوان ڌيءُ حضوران پاھي بک، بدحالي ۽ بروقت علاج نه ٿيڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا، جنھن سبب گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، جڏھن ته ٻوڏ جي پاڻي ھجڻ سبب فوتين جو لاش کڻڻ به مشڪل بڻجي ويو ۽ فوتين جا لاش اباڻي ڳوٺ کڻائي وڃڻ بدران وارثن پاران  ميھڙ جي قبرستان ۾ دفنايا ويا، فوتين جي وارثن ۽ سماجي تنظيم جي اڳواڻ وڪيل عمران پاھي ٻڌايو ته کھڙا ڳوٺ جا رھواسي گھر ڊھڻ بعد  روڊ جي پاسي ۾ پنھنجي مدد پاڻ تحت کٽن جي ڇانو ھيٺان ويٺل ھئا، جيڪي بک،  بدحالي ۽ اڃ وگھي پيرسن پيءُ ۽ نوجوان ڌيءُ فوت ٿي ويا آھن. هنن چيو ته ضلعي انتظاميا توڙي سرڪار ڪابه واهر ناهي ڪئي، ٽينٽ، راشن به ناهي مليو، طبي سهولتون به ناهن. هوڏانهن  سنڌي ٻٽڙا ڀرسان راجا سولنگي جو 8 ڏينھن جو ڄاول معصوم ٻارڙو غذائي قلت سبب فوت ٿي ويو.ان حوالي سان راجا سولنگي ٻڌايو ته گھرن ڀرسان پاڻي اچڻ بعد رستا بند ٿيڻ سبب خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي، جنهن سبب  8 ڏينھن جو ٻارڙو خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي ويو. هوڏانهن ڀان سيدآباد ڪچي جي دريديرو واري علائقي ۾ صحت جي سهولت نه ملڻ ڪري پيرسن محمد هاليپوٽو ٻيڙيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويو، جنهن بعد سندس وارث لاش کڻائي واپس ٻيڙي ذريعي ئي ڳوٺ دريديرو پهتا جتي لاش دفنايو ويو.