ميھڙ(ن پ ا) ميهڙ ۾ ھڪ مھينو اڳ گهنٽا گهر چوڪ تي ون فائيو سينٽر ٻاهران اعواڻ ميڊيڪل اسٽور تي  لڳل ڌاڙي خلاف شهرين پاران  انڊس ھاءِ وي تي  ڌرڻو هنيو ويو هو ۽ ڌرڻي دوران احتجاجن صوبائي وزير باري پتافي جي گاڏي پڻ روڪي وئي هئي،  جنهن جو ڪيس سرڪار پاران اي ٽي سي جا قلم لڳائي 8 سڃاتلن سميت 60 اڻ سڃاتلن خلاف داخل ڪيو ويو هو، ان ئي ڪيس ۾ ميھڙ بي سيڪشن پوليس ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جي 3 نامزد اميدوارن ۽ ٻن صحافين سميت 27 شھرين کي سڃاتل ڄاڻائي ڪيس ۾ نالا شامل ڪيا ويا آھن، ڪيس ۾ شهري اتحاد جي صدر ۽ شھيد ڀٽو پاران نامزد ڪيل ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جي اميدوار عبدالستار چنا ، پي ٽي آء پاران نامزد اميدوارن اسماعيل بروهي ، مسرور ٻرڙو ۽ نوجوان شھري منصور ٻرڙو ، عالمگير ٿهيم ، صحافي عمران تيوڻو ،صحافي شڪيل عطار ، مهراڻ ، عبدالحفيظ ، حبيب الله سميت 27 ماڻهن کي شامل ڪري ڇڏيو آھي، جڏهن تہ اي ٽي سي ڪورٽ نوشهروفيروز پاران ميهڙ پوليس کي ڄاڻايل ماڻھن کي گرفتار ڪرڻ جا وارنٽ بہ جاري ڪري ڇڏيا آھن.