ميھڙ(ن پ ا) گذريل ڏينهن ميهڙ جي ون فائيو سينٽر ٻاهران مصروف ترين چوڪ گهنٽا گهر وٽ لڳل ڌاڙي ۽ بدامني خلاف شهرين، واپارين ، دڪاندارن پاران انڊس هاءِ وي تي 7 ڪلاڪ ڌرڻي هڻڻ جو ڪيس ميهڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي تي گناهه نمبر 31_2022 تحت سرڪار پاران اي ايس آءِ محمد پريل سميجو جي فرياد تي 8 سڃاتل پي ٽي آءِ اڳواڻ نياز علي ٻرڙو، هاشم ٻرڙو ، زبير سمون ، فتاح شاهه ، رضوان آڳرو  ، مهران پنهور ، ذيشان ٻرڙو ، اسد شاهه سميت 60 اڻ سڃاتل ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ پوليس تي حملي ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽  ڌمڪين جا قلم هنيا ويا آهن. ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته مٿين جوابدارن انڊس هاءِ تي 6 ڪلاڪ کان وڌيڪ ڌرڻو هڻي ڳالهين لاءِ ويل پوليس تي حملو ڪري روڊ بند ڪيو ھو، جڏھن ته مظاھرين پاران صوبائي وزير باري پتافي جي گاڏي جو گھيراءُ پڻ ڪري گارگند ڪئي ھئي ۽ مسافرن سان چڪريون پڻ ٿيون ھيون، جڏهن ته ڪيس داخل ڪرڻ بعد پوليس واپارين ۽ ڪيس ۾ ڏيکاريل جوابدارن جي گهرن تي چڙهايون ڪيون پر ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ٿي سگهيو.