ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ  جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ميھڙ باءِ  پاس ڀرسان ڪڪول واھ روڊ تي 2 موٽر سائيڪلن تي سوار 6 ھٿيار بند واپاري امجد ڀرٽ ۽ شھاب جانوري جي ڪار کي روڪي ھزارين رپيا روڪ رقم ، چيڪ ، موبائل ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا،

ھوڏانھن اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مين روڊ تي گلزار جتوئي رائيس مل ڀرسان نامعلوم موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن نريش ڪمار جي اسپيئر پارٽس جي دڪان تي ڪاھ ڪري دڪان مالڪ ۽ مزدورن کي يرغمال بڻائي دڪان مان ھزارين رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا آھن.