ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ جي ڊگري ڪاليج ڀرسان پنچر جي دوڪان ۾ مزدري ڪندڙ اڌڙوٺ شخص انور چانڊيو گھرو پريشاني سبب  دڪان اندر ڇت واري پکي ۾ رسو ٻڌي خود ڪشي ڪري ڇڏي آھي اطلاع تي فوتي شخص جا وارث ۽ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش اسپتال ميھڙ منتقل ڪري ڇڏيو آھي جتي وارث فوتي شخص جو لاش بنا پوسٽ مارٽم جي گھر کڻائي ويا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو پوليس موجب فوتي شخص صبح جو دڪان تي اچي پاڻ کي پکي ۾ ٽنگي خودڪشي ڪئي آھي پاڙي ۾ دڪان وارن جي اطلاع تي پھچي لاش تحويل ۾ وٺي وارثن کي اطلاع ڏنو جڏھن ته واقعي بابت وڌيڪ جانچ ڪري رھيا آھيون. ھوڏانھن وارثن جو چوڻ آھي تہ کيس ڪا بہ پريشاني نہ ھئي نہ ئي وري ھن ڪنھن بہ ماڻھو سان ڪو ڏک يا تڪليف ٻڌائي ھئي. ھو دڪان تي مزوري ڪرڻ لاء ويو تہ ڪجھ ڪلاڪ بعد اطلاع مليو تہ ھن جو لاش پکي ۾ ٽنگيل ھو. ھنن چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آھي وڌيڪ واقعي جي جانچ ٿيڻ گھرجي.