ميھڙ (ن پا ) پ ٽ الف پاران استادن کي اپگريڊ نه ڪرڻ ، جبري بدليون ، نون ڀرتي ڪيل استادن کي 9 مھينن کان پگھارون جاري نه ڪرڻ خلاف احتجاجي تحريڪ جي شروعات ڪندي بک ھڙتال جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آھي. اعجاز چانڊيو، عبدالصمد ٻگھيو، اعجاز منگي ، مجاھد سومرو مطلوب ناريجو، سيد شبير شاھ خليق سومرو طاھر محزون حامد لاکير غازي حبيب ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي اڳواڻن چيو ته دادو ضلعي اندر تعليم کاتي جي نااھلي سبب استادن جا مسئلا حل نہ پيا ٿين ، آفيسرن جي لاپرواھي ، سستي ۽ ڪرپشن سبب دادو ضلعي اندر استادن جي اپگريڊيشن وارو ڪم رولڙي جو شڪار آھي نون ڀرتي ڪيل آء بي اي ٽيسٽ پاس استادن جون 9 مھينن کان پگھارون جاري نہ پيون ڪيون وڃن ، پئسن عيوض تعليم کاتي جي پاليسي جي ابتڙ يوسي کان ٻاھر استادن جون جبري بدليون ڪيون پيون وڃن ھنن چيو تہ افسوس جو دادو ضلعي اندر ھٿ سان اسڪول بند ڪيا پيا وڃن جبري ۽ قانون جي ابتڙ بدليون غير ضروري رڪاوٽون وجھي استادن جا جائز مطالبا منظور نہ پيا ڪيا وڃن. مطالبا تسليم ٿيڻ تائين ھي احتجاج جاري رھندو.