ميهڙ / فريدآباد(نمائندا) ميهڙ ۽ فريد آباد ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي سگھي آهي. ان ڏس ۾ ڳوٺ سيدپور ۽ سوجهرو ميرواڻي جي ٻوڏ متاثرن واھر نه ٿيڻ خلاف 7 ڏينهن کان سجاد چانڊيو، مزن چانڊيو، فقير علي شير چانڊيو، بگن چانڊيو، علي گل لاشاري ۽ ٻين   جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج جاري رکيو ويو. ان موقعي تي ھنن سرڪار اسان ٻوڏ متاثرن کي مھانگائي جي ڌٻڻ ۾ نڌڻڪو ڪري ڇڏي ڏنو آهي 4 مھينن کان بغير اجھن، کاڌ خوراڪ ۽ روڊ رستن جي سھولتن نه ھئڻ سبب عذابن واري زندگي گذاري رهيا آهيون ھنن وڌيڪ چيو ته بغير مالڪي وارثي ۽ اجھن جي سيارو ته گذاريوسين پر اونھاري ۾ پاڻ ۽ پنهنجي ٻچن کي ڪٿي ويھارينداسين ھنن وڌيڪ چيو ته مھانگائي سبب پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي ھڪ ويلو کائون ٿا ته 3 ويلا بک ۾ گذاريون ٿا ھنن مطالبو ڪيو ته واھر ڪري کاڌ خوراڪ ڏيئي جايون ٺھرائي ڏيڻ سميت اعلانيل رقم ڏياري انصاف فراهم ڪيو وڃي.