ميھڙ(رپورٽ: عبدالرحمان قمبراڻي) ميهڙ مان گرفتار پي ٽي آءِ ڪائونسلر نياز علي ٻرڙي جو 10 ڏينهن جو رمانڊ، چونڊ نتيجا جاري نه ڪرڻ ۽ ڪائونسلر جي آزادي لاءِ انڊس هاءِ وي تي ٻي ڏينهن به ڌرڻو، ان ڏس ۾  پي ٽي آءِ جي گرفتار اڳواڻ ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جي چونڊيل ڪائونسلر ۽ چيئرمين اميدوار نياز علي ٻرڙو کي پوليس جي سخت سڪيورٽي ھيٺ ميھڙ جي سيڪنڊ سول جج ميھڙ اعجاز علي جروار جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت پاران کيس 10 ڏينھن جي رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آھي، ھوڏانھن پي ٽي آء اڳواڻ نياز علي ٻرڙو صحافين سان ڳالھائيندي چيو مخالفن آفيسرن کي ھٿيارن ۽ پئسن جي زور تي خريد ڪري دٻاءُ وجھي اسان جا نتيجا تبديل ڪرڻ چاھين ٿا، پر اسان عوامي مينڊيٽ ڪنھن بہ طرح چوري ڪرڻ نہ ڏينداسين، ھن چيو تہ منھنجي گھر تي چڙھائي ڪرڻ دوران پوليس منھنجي گھر مان سونا زيور روڪ رقم کان علاوہ گھر مان سامان بہ کڻي ويا آھن، ٻي طرف  پي ٽي آءِ اميدوارن جا چونڊ نتيجا جاري نه ڪرڻ، چونڊيل ڪائونسلر ۽ چيئرمين جي اميدوار نياز علي ٻرڙو جي گرفتاري خلاف ميهڙ ۾ انڊس هاءِ تي ٻن ڏينهن کان احتجاجي ڌرڻو جاري آهي، جڏھن ته پي ٽي آء اڳواڻ صداقت علي جتوئي،ڊاڪٽر غلام عباس مھيسر ايوب کوسو، شھري اتحاد جي صدر ۽ شھيد ڀٽو اڳواڻ عبدالستار چنه ، شڪيل عطار، عمران تيوڻو، نبيل پنھور، ، شمشير وڪو ، ايس يو پي اڳواڻ سڪندر سوڍر، يو سي چيئرمين اربيلو مھيسر، ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جي ڪائونسلرن اسماعيل بروھي، عبدالمجيد مھيسر ، عبدالسميع شيخ،رضوان آڳرو جي اڳواڻي ۾ انڊس ھاء وي تي شاميانہ لڳائي سخت سردي ۾ مچ ٻاري احتجاج جاري رکيو ڌرڻي ۾ شريڪ ڪارڪنن پاران شديد نعريبازي ڪئي وئي جڏھن تہ ڌرڻي سبب ٻن ڏينهن کان ڪراچي ، حيدرآباد سکر لاڙڪاڻو ۽ پنجاب ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽرانسپورٽ بند رھي، جنھن سبب مسافر سخت تڪليفن سان منھن ڏيڻ لڳا آھن، ڌرڻي ۾ ايس يو پي جو مرڪزي اڳواڻ روشن علي ٻرڙو،سينئر قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر بدر چنہ ، سماجي اڳواڻ پنھل ساريو،ايس يو پي اڳواڻ غلام مصطفي چانڊيو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ميهڙ مان عوامي مينڊيٽ چورائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،  سنڌ ۾ ڌانڌليون ٿيون آهن،نوٽيس ورتو وڃي.هوڏانهن  پي ٽي آءِ پاران انڊس هاءِ وي تي لڳل احتجاجي ڌرڻو 36 ڪلاڪن بعد آر او پاران چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل اميدوارن جا نتيجا جاري ڪرڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، رٽرننگ آفيسر پاران روڪيل رزلٽ جاري ڪئي وئي، جنهن موجب ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جي 14 وارڊن تي 8 پي ٽي آءِ جا اميدوار ڪامياب ۽ ھڪ تي شھيد ڀٽو ۽ 5 پ پ پ جي اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو آھي، جڏھن تہ راڌڻ ٽائون ڪاميٽي جي 9 وارڊن تي 7 پ پ پ ۽ 2 پي ٽي آء جا اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا آھن. ۽ ٿرڙي محبت ٽائون ڪاميٽي جي 5 وارڊن تي 5 ئي پ پ پ جا اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا آھن.ميھڙ ميونسپل ڪاميٽي جي 14 وارڊن تي پي ٽي آء جا 8 اميدوار ۽ پ پ پ جا پنج ۽ ھڪ شھيد ڀٽو جو اميدوار ڪامياب قرار ڏنو ويو آھي. راڌڻ ٽائون ڪاميٽي جي 9 وارڊن مان 7 تي پ پ پ ۽ 2 تي پي ٽي آء جا اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا آھن.