ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ڀرسان اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ لونگ مهيسر ۾ زرعي زمين ۾ پاڻي جي واري  تان مهيسر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جيهڙو ٿي پيو ۔ جنهن دوران ڏنڊا لڳڻ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۔ زخمين ۾ حاڪم مهيسر ۽ اياز مهيسر  شامل آھن ۔ زخمين ٻڌايو ته جوابدارن يامين ۽ ياسين مهيسر زرعي زمين ۾ پاڻي جو وارو اسان جو هو ٻج سڪي رهيو هيو پاڻي جي واري تان جوابدارن حملو ڪري ڏنڊا هڻي زخمي ڪيو آھي ۔ واقعي بابت ميهڙ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آھي.