ميھڙ(ن پ ا) ميهڙ ڀرسان ڳوٺ پوراچو ڀرسان راڄ واهه کي برسات سبب 50 فوٽ گهارو پئجي ويو, گهاري سبب راڄ واه ڀرسان ڪيترين ئي ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل لڙهي ويو, جڏهن ته گهاري سبب ڳوٺ پوراچو سميت ڪيترائي ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو آهي، جڏهن ته اطلاع باوجود آبپاشي عملو واقعي واري هنڌ نه پھتو، ڳوٺاڻن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت گهاري کي عارضي طور بند ڪري ورتو آھي، ٻي طرف ڳوٺاڻن جواد مهيسر، حبدار مهيسر ۽ ٻين دانهيندي چيو ته برسات سبب اڳ ئي پاڻي  بيٺل هو، گهاري سبب فصل ٻڏي ويا آهن، اطلاع باوجود آبپاشي عملدار نه پهتا آهن.