ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ڀرسان سنڌي ٻٽڙا شهر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو مين روڊ سميت شهر جا اڪثر حصا پاڻي هيٺ آيل آھن جنهن سبب نه صرف ڪاروبار بند پيل آھي پر شهري عذاب هيٺ آھن برسات بعد هر طرف پاڻي بيهڻ سبب شهر ۾ گندگي پکڙجي وئي آھي پر ان باوجود ڪنهن به سرڪاري اداري يا چونڊيل تحرڪ  ناهي ورتو يو سي سيڪريٽري برسات کان پوء شهر جو دورو به ڪري ناهي سگهيو سنڌي ٻٽڙا شهرين جو چوڻ آھي ته لکئين روپين جي بجيٽ باوجود شهر جي صفائي نه پئي ٿئي هنن گهر ڪئي آھي ته سنڌي ٻٽڙا شهر مان برساتي پاڻي نيڪال ڪري شهر ۾ صفائي ڪرائي وڃي