ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ جي بي سيڪشن پوليس گهاڙي لنڪ روڊ تي ڏوهارين سان مقابلي بعد هڪ ڄڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جي سڃاڻپ رحمت الله عرف ڪالو خشڪ طور ٿي آھي. پوليس موجب گرفتار ٿيل وٽان پسٽل ۔ ميگزين ۽ گوليون مليون آھن. ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون موجب گرفتار ٿيل ڏوهارين جي هڪ گينگ سان واسطو رکي ٿو گرفتار ٿيل تي 17 کان وڌيڪ ڪيس داخل آھن جيڪو ميهڙ سميت مختلف علائقن ۾ ڦرن ۔ چورين ۔ پوليس مقابلن ۾ ملوث آھي مقابلي دوران 2 هٿيار بند فرار ٿي ويا ۔ جڏهن ته زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل کي تعلقه اسپتال ميهڙ بعد لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏنھن تہ مبينا پوليس مقابلي ۾  زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار رحمت الله خشڪ تعلقه اسپتال ۾ ٻڌايو ته دادو پوليس بي گناه گرفتار ڪري ميھڙ پوليس کي ڏنو جنھن مونکي ھاف فرائي ڪري ڇڏيو آھي ڪو به پوليس مقابلو نه ٿيو آھي آء جي سنڌ نوٽيس وٺي جانچ ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي.s