ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ شهر ۾ ٽيلينار آفيس لڳ پوليس ڪارروائي ڪري موٽر سائيڪل تي سوار ٽن شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان هڪ موٽر سائيڪل ۽ 3 بغير لائسنس وارا پسٽل هٿ ڪري کين بي سيڪشن ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان ايس ايڇ او بي سيڪشن قابل ڀيو ٻڌايو ته 3 ڦورن کي گرفتار ڪري سندن وٽان هٿيار ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، پوليس پاران گرفتار ٿيلن جا نالا نه ٻڌايا ويا.