ميهڙ ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي، ڀوتار ۽ سندن واٺا عدالتن کان ڀڄي رهيا آهن: ام رباب

0
202

دادو: اُم رباب جي ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو تي فرد جرم لاڳو نه ٿيو، دادو جي ماڊل ڪورٽ ٻن جوابدارن جا وڪيل پيش نه ٿيڻ تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو  جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل  ڪيس بابت ٻڌڻي ٿي، ام رباب چانڊيو، پ پ ايم پي اي  سردار احمد چانڊيو ۽ برهان خان  چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا

سرداراحمد چانڊيو ۽ ٻين نامزد جوابدارن جا وڪيل پيش نه ٿيڻ تي عدالت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو  عدالت ۾ ضمانت لاءِ ٻيهر درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي

جڏهن ته وڪيل صلاح الدين جو چوڻ آهي ته  ڪريم بخش چانڊيو تي ڪيس ۾ نامزد ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر فرد جرم لاڳو ٿيندو

May be an image of 10 people, people standing and outdoors

عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته دالت سردار احمد، برهان خان ۽ ٻين  جوابدارن کي سڀاڻي وڪيل سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي

اُم رباب چيو آهي ته ڀوتار ۽ سندن واٺا عدالتن کان ڀڄي رهيا آهن، عدالت ڀوتارن کي پيغام ڏنو آهي ته قانون کان مٿي ڪير ناهي، ٽن گهرڀاتين جي قتل واري واقعي کي 5 سال گذري ويا آهن، عدالت روزانو بُنيادن تي ٻڌڻيون ڪري انصاف ڏئي، اُميد ته سڀاڻي ايس ايڇ او تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو

هي به پڙهندا

واقعي کي 5 سال گذرڻ باوجود انصاف لاءِ واجهائي رهي آهيان: ام رباب چانڊيو