اي آءِ جي سنڌ پوليس کان پڇڻ ٿي چاهيان ته توهان اڃا ڪيترا ظلم ڪرڻ چاهيو ٿا:ام رباب

0
417

دادو (رپورٽ: فتاح شيخ) دادو جي عدالت ميهڙ ٽيڻي قتل ڪيس ۾ نامزد قرار ڏنل اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو جي 20 جنوري تائين ڪچي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

 اُم رباب جي گهر ڀاتين جي ٽيڻي قتل ڪيس جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي، اُم رباب، ايم پي اي سردار چانڊيو، برهان چانڊيو ۽ ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو به پيش ٿيا

عدالت قتل ڪيس جي 28 جنوري ۽ ايس ايڇ او جي ضمانت واري درخواست تي 20 جنوري تي ٻڌڻي رکي ڇڏي آهي، عدالت ايس ايڇ او ڪريم بخش  چانڊيو جي 20 جنوري تائين ڪچي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته عدالت ايس ايڇ او کي ڪيس ۾  نامزد ڪيو آهي ته پوءِ پوليس ان کان  جاچ ڇو نٿي ڪري،  اي آءِ جي سنڌ پوليس کان پڇڻ ٿي  چاهيان ته توهان اڃا ڪيترا ظلم ڪرڻ  ٿا چاهيو

ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته عدالتن مان انصاف جي اميد آهي، پوليس ۾ جيڪي ڪاريون رڍون آهن انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، سرداري نظام خلاف منهنجو ساٿ ڏنو وڃي، هن وقت تائين جن ڀائرن، ڀينرن منهنجو ساٿ ڏنو آهي سڀني جو شڪريو ادا ڪريان ٿي

ان موقعي تي سردار چانڊيو جو چوڻ هو ته ڪريم بخش چانڊيو کي ايس ايڇ او فريدآباد مقرر ڪرائي ڪهڙو ڏوهه ڪيو، ايس ايڇ او لاءِ اڳ درخواست ڇو نه ڏني وئي، هوءَ پاڻ ڪيس کي اينگهائڻ چاهي ٿي

هي به پڙهندا

منهنجي پيءُ، چاچي ۽ ڏاڏي کي قتل ڪرڻ کان اڳ منصوبابندي ڪئي وئي: ام رباب چانڊيو

نام نهاد سردارن جي ڀڄڻ جا سڀ رستا بند ٿي چڪا آهن: ام رباب چانڊيو