ميھڙ (رپورٽ: عبدالرحمان قمبراڻي) ام رباب چانڊيو جي والد تمندار مختيار چانڊيو، ڏاڏو يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچو ضلعي ڪائونسل ميمبر قابل چانڊيو جي 5 ورسي ميھڙ ۾ ملھائي وئي، تقريب دوران ام ارباب چانڊيو ڳاڙھو جھنڊو کڻي پيرين اگھاڙي جلسي گاھ پھتي، ان موقعي تي ام رباب چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته اڄ کان  مدي خارج جاگيرداري سسٽم خلاف اعلان جنگ ڪريان ٿي، جاگيرداري نظام سنڌ ۽ پاڪستان کي تهس نهس ڪري ڇڏيو آھي، هن چيو ته هاڻي وقت اچي چڪو آھي ته سرداري ۽ جاگيرداري نظام کي انهن جي اوقات ٻڌايون، ھن چيو ته ميڊيا جي ادارن،  اياز لطيف پليجو ، جماعت اسلامي ۽ هيومن رائيٽس تنظيمن جي ٿورائتي آھيان جن جاگيرداري خلاف اعلانيل جدوجهد جي حمايت ڪئي آھي، ھن چيو ته عدالتن سميت پاڪستان جي سمورن ادارن تي اعتماد آهي اميد اٿم ته اسان مظلومن سان انصاف ڪندا، ھن چيو ته ڳاڙھو جھنڊو انھن جاگيردارن خلاف وارننگ آھي ته ھاڻي انھن جي ظلمن خلاف ماڻھو پرچم کڻي نڪري پوندا، ھن چيو ته خصوصن ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي شڪرگذار آھيان جيڪي مظلومن جو آواز بڻيا آھن. ھوڏانھن پنج سال اڳ ميھڙ ۾ قتل ٿيل قابل چانڊيو جي 5 سالن جي نياڻي شيرين فاطمه ڌيءُ قابل چانڊيو انصاف لاءِ 3 شهيدن جون تصويرون رکي اعليٰ ادارن کي اپيلون ڪرڻ لڳي آھي، معصوم نينگري شيرين فاطمه جو چوڻ آھي ته پنجن سالن کان وٺي اسانکي انصاف نٿو ملي.  مدد ڪيو ۽ منهنجي بابا جي قتل جو انصاف ڪيو وڃي.