دادو (ن پ ا) دادو جي ماڊل ڪورٽ اُم رباب جي والد سوڌو ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس تي ٻڌڻي دوران غير ضروري ماڻهن جي داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي، ايس ايس پي دادو کي عمل يقيني بڻائڻ جي هدايت، عدالت ۾ ٻڌڻي دوران اُم رباب پيش نه ٿي سگهي، جوابدار ڌُر مان پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو وڪيلن سوڌو پيش، اُم رباب جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته جوابدار سوين ماڻهن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿين ٿا، اُم رباب کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، تنهن ڪري عدالت عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهي، عدالت ڪيس تي ٻڌڻي 24 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.