دادو ( رپورٽر ) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج نديم بدر قاضي جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي پيء مختيار، ڏاڏي ڪرم الله ۽ چاچي ڪابل خان چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، انهيء دوران پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو، برهان خان چانڊيو، مرتضيٰ، ذوالفقار چانڊيو، علي گوهر۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته ام رباب چانڊيو پيش نه ٿي، ام رباب چانڊيو جي وڪيل صلاح الدين پنهور چيو ته هر حاضري تي سردار چانڊيو، برهان خان چانڊيو ماڻهن جي هجوم ۾ عدالت اچن ٿا ۽ فريادي ڌر کي خطرو آهي، اسان اهڙي درخواست عدالت ۾ ڏني آهي ۽ ثبوت به عدالت ۾ جمع ڪرايا آهن. عدالت جي روم ۾ جوابدار سليفيون ڪڍائين ٿا اهو ئي سبب آهي جو فريادي ڌر خطري سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي ٿي سگهي، اهڙن دليلن تي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ايس ايس پي دادو جي سختيء سان هدايت ڪئي آهي ته ٻڌڻي تي ڪنهن به غير ضروري ماڻهوء کي عدالتي احاطي ۾ نه ڇڏيو وڃي، عدالت ۾ ڪنهن کي هجوم جي صورت ۾ عدالت اچڻ جي اجازت نه ٿي سگهجي، فوري طور تي غير ضروري ماڻهن کي عدالتي احاطي مان ٻاهر ڪڍيو وڃي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 24 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. عدالتي حڪمن کانپوء پوليس تحرڪ وٺندي سردار احمد ۽ برهان خان چانڊيو سان گڏ آيل ماڻهن کي عدالتي احاطي کان ٻاهر ڪڍيو، ايم پي اي سردار احمد چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان بيگناھ آهيون ام رباب جي گهر ڀاتين جي قتل ۾ ملوث ناهيون، انتقامي ڪاروائي طور ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي ان ڪري هر حاضري تي عدالت ۾ پيش ٿيون ٿا ۽ عدالتن مان سرخرو ٿينداسين ، ام رباب چانڊيو جي وڪيل صلاح الدين پنهور پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ام رباب کي خطرو آهي، ان ڪري هو عدالت ۾ پيش ناهن ٿيا، 12 ، اپريل تي لاڙڪاڻو هاء ڪورٽ ۾ ٻڌڻي رکيل آهي جنهن تي فيصلو اچڻ کانپوء هي ڪيس ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ دادو ۾ شيڊول تي آڻي هلايو ويندو.