ميهڙ مان پوليس پاران کنڀيل پي ٽي آءِ اميدوار جي گرفتاري ظاهر

0
303

ميهڙ:ميهڙ مان مبينا طور کنڀي گم ڪيل پي ٽي آءِ اڳواڻ نياز ٻرڙو خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ۽ هٿيار رکڻ جا 2 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، نياز ٻرڙو خلاف هڪ ڪيس ايم پي اي فياض ٻٽ جي ڀاءُ امتياز ٻٽ جي فرياد تي داخل ڪرايو ويو

ميهڙ مان پوليس پاران کنڀيل پي ٽي آءِ اميدوار نياز ٻرڙو جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ميهڙ، جوهي، راڌڻ ۽ ٻين شهرن ۾ پي ٽي آءِ اميدوار جي گرفتاري خلاف مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻڻ جو سلسلو جاري آهي

جڏهن ته 3 ڄڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته نياز ٻرڙو ۽ ٻين فائرنگ ڪري ڏهڪاءُ پکيڙيو ۽ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون، نياز ٻرڙو خلاف ٻيو ڪيس ميهڙ پوليس جي مدعيت ۾ داخل ڪرايو ويو

 پوليس پاران داخل ڪرايل ڪيس ۾ نياز ٻرڙو ۽ ٻين وٽ غير قانوني هٿيار هئڻ جا الزام لڳايا ويا، جڏهن ته ڌرڻن ۾ شريڪ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته نياز ٻرڙو جي آزادي تائين ڌرڻا جاري رهندا

ٻئي پاسي اڳوڻو وڏو وزير لياقت علي جتوئي پڻ ڌرڻي ۾ شريڪ ٿي ويو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي لياقت جتوئي چيو ته حڪمران اقتدار ويندي ڏسي  وائڙائپ جو شڪار ٿي ويا آهن، اي ٽي ايم مشين طور استعمال ٿيندڙ  ميونسپل ڪاميٽي کسجڻ تي ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن

هي به پڙهندا

ميهڙ مان چيئرمين جي چونڊ وڙهندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻ گرفتار، شٽربند هڙتال ۽ ڌرڻو