ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ لڳ پ پ پ جي ڳڙهه ڳوٺ عاقل سولنگي جي رهواسين پاران بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف پيپلز هاري ڪاميٽي اڳواڻ الاهي بخش سولنگي، رستم علي سولنگي، رضا محمد سولنگي ، زاهد سولنگي ،عامر ڪمال سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانيهندي چيو ته بلدياتي ۽ عام چونڊن ووٽ ڏئي اميدوارن کي ڪامياب ڪرايو پر اميدوارن ڳوٺ کي ڪابه سهولت ناهي ڏني، هنن چيو ته پرائمري بوائز اسڪول جي عمارت، واٽرسپلاءِ اسڪيم ، ڊرينيج سسٽم، سي سي بلاڪ سميت ڪوبه ترقياتي ڪم ناهي ٿيو، ٻن سالن کان ڳوٺ جي بجلي به ڪٽيل آهي، هنن چيو ته شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، ڳوٺ ۾ گندگي جا ڍير آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڳوٺ جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت اميدوارن جو بائيڪاٽ ڪنداسين.