ميهڙ شهر تان ٻوڏ جو خطرو نه ٽريو، رنگ بند تي پاڻيءَ جو دٻاءُ برقرار

0
410
ميهڙ شهر تان ٻوڏ جو خطرو نه ٽريو، رنگ بند تي پاڻيءَ جو دٻاءُ برقرار
ميهڙ شهر تان ٻوڏ جو خطرو نه ٽريو، رنگ بند تي پاڻيءَ جو دٻاءُ برقرار

ميھڙ (رپورٽر) ميهڙ شهر تان ٻوڏ جو خطرو نه ٽريو، شهر جي تحفظ لاءِ ٺهيل رنگ بند تي پاڻيءَ جو دٻاءُ برقرار، شهرين طرفان روڻيون بند ڪري بند جي ڪمزور حصن کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم جاري آھي

 ٻوڏ جي صورتحال ۾ هلڪي برسات شهرين جو ساهه مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو آھي، منڇر ڍنڍ کي ڪٽ ۽ گهارن باوجود جوهي تعلقي تان ٻوڏ جو خطرو نه ٽريو

جوهي تعلقي جي حد ۾ اين اين وي ڊرين ۾ لاٿ اچڻ لڳي، جوهي ڪاليج ۽ ڳوٺ بخش علي رند سوڌو مختلف هنڌن تي بند جي مضبوطي لاءِ ڪم جاري، بند جي ڪمزور حصن کي مٽيءَ جي ٻاچڪن ۽ لڪڙن سان مضبوط ڪيو پيو وڃي

رنگ بند تي قرآن خواني ڪري شهر جي تحفظ لاءِ اجتماعي دعا گهري وئي، ڪراچي ۾ فوت ٿيل جوهي واسڻ نينگري جو تڏو رنگ بند تي وڇايو ويو، نينگري جي پونيئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي

ھي به پڙھندا

سيوهڻ: ڳوٺاڻن ريلوي لائين کي ڪٽ ڏئي ڇڏيو، روڊ بند

پاڻيءَ جي لنگهن تي حددخليون ڪندئو ته ٻوڏ ته ايندي نه، پاڻي جي لنگھن بابت قانون سازي ڪئي وڃي: سنڌ ھاءِ ڪورٽ

سڀ ڄاڻن ٿا ته ٻوڏ متاثرن جو سامان سرڪاري آفيسز مان نڪرڻ بعد ڪيڏانهن وڃي ٿو: سنڌ ھاءِ ڪورٽ