ميهڙ / سيوهڻ (نمائندن وٽان) ميھڙ ۾ پاڻي جي لاٿ جو سلسلو جاري آهي، رنگ بند تي پاڻي جو دٻاء انتھائي گھٽجي ويو مجموعي طور تي پاڻي 3 فوٽ لھي ويو. ان ڏس ۾ ميھڙ بلوچستان کان آيل ٻوڏ جي پاڻي ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آھي سپريو بند ، ايم اين وي ڊرين توڙي ايف پي بند کان به پاڻي ۾ لاٿ اچڻ سبب ميھڙ ۾ رنگ بند تي پاڻي جو ٻاءُ انتھائي گھٽجي ويو آھي. ميھڙ جي رنگ بند وٽ مجموعي طور 3 فوٽ تائين پاڻي لھي ويو آھي ۽ ڪاڇي جي علائقن مان به پاڻي جي لاٿ ٿي وئي آھي ميھڙ جي ھاء وي سميت ميھڙ جي لنڪ روڊن تي پاڻي گھٽجڻ سبب روڊ ظاھر ٿي رھيا آھن پر ھن وقت تائين انڊس ھاء وي سميت ڪو به لنڪ روڊ بحال ناھي ٿي سگھيو جڏھن ته پاڻي جي لاٿ سبب ميھڙ ۾ ڪاروبار کلي ويو آھي جڏھن ته لڏ پلاڻ ڪري ويل ماڻھن جي واپسي جو سلسلو جاري آھي. ٻئي پاسي منڇر جو پاڻي درياه ۾ تيزي سان خارج نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جي احتجاج رنگ لاتو. آبپاشي کاتي پاران ڪالھ سيوھڻ دادو انڊس ھائي وي جي ڊبل روڊ کي سيوھڻ ڀرسان ڳوٺ بچل چنا وٽان ڪٽ ڏنو ويو آهي. آبپاشي کاتي جي ايس ڊي او عبدلڪريم ٻٻر جي موجودگي ۾ ڪرين مشين ذريعي روڊ کي 30 فٽ ڪٽ ڏنو ويو ۽ روڊ کي ڪٽ لڳڻ بعد منڇر جي ٻوڏ جو پاڻي تيزي سان درياه ڏي وڌڻ لڳو آھي. ٻڌايو وڃي ٿو ته سيوھڻ جي 7 يوسين جي 5 سئو کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ 8 کان 10 فوٽ ٻوڏ جو پاڻي بيھڻ ڪري انڊس ھاء وي کي ڪٽ ڏنو ويو آهي ۽ آبپاشي کاتي جي اھڙي عمل بعد عوام ۾ سرھائي ٿي وئي آھي ۽ ان موقعي تي ڳوٺاڻن سنڌ جي وڏي وزير کان  مطالبو ڪيو ته ريلوي ٽريڪ کي پڻ جلد ڪٽ لڳايو وڃي ته جيئن ٻوڏ جي پاڻي وڌيڪ تيزي سان نيڪال ٿي سگهي.