ميهڙ( ن پ ا ) ڳوٺ ٻيٽو جتوئي ڀرسان گذرندڙ رائيس ڪئنال ۾ دادو ۽ خيرپور ناٿن شاه سان تعلق رکندڙ باگڙي برادري سان واسطو رکندڙ 4معصوم ٻار ٻڏي فوت ٿي ويا، اطلاع تي رائيس ڪئنال سان گذرندڙ ماڻهن ٻارن جا لاش ڪڍي وارثن حوالي ڪيا، معصومن جا لاش ڏسي باگڙي برادري جي عورتن ۽ مردن ۾ رڙيون ۽ ڪيهاٽ پئجي ويون ۽ باگڙي برادري جي زرعي زمين ۾ قائم گهرن ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانئجي ويو، معصوم ٻارن جي وارث معصوم ٻارن جا لاش تعلقا اسپتال ميهڙ آڻڻ بجاءِ ٻڏي فوت ٿيل 2معصوم ٻارن جا وارث دادو تعلقي جا رهواسي هجڻ ڪري انهن جا لاش دادو کڻائي ويا، جڏهن ته ٻن معصوم ٻارن جا وارث خيرپور ناٿن شاهه تعلقي جا رهواسي هجڻ ڪري ٻڏي فوت ٿيل معصوم ٻارن جا لاش خيرپور ناٿن شاهه کڻائي ويا آهن، جتي سندن آخري رسمون ادا ڪيون وينديون، ٻڌايو پيو وڃي ته باگڙي برادري رائيس ڪئنال جي پاسي زرعي زمين ۾ گدرا ۽ هنداڻا پوکي هارپو ڪندا آهن رائيس ڪئنال ۾ پاڻي نه هوندو هيو رائيس ڪئنال ۾ آبپاشي عملدارن اڃ ئي پاڻي ڇڏيو هو، معصوم ٻار گرمي ڪري رائيس ڪئنال ۾ آيل پاڻي ۾ وهنجڻ لاء لٿا ته ٻڏي فوت ٿي ويا