ميهڙ (ن پ ا) ميھڙ باء پاس سٽي ھوٽل ڀرسان قائم ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرين عورتن ٽن ٻارڙن کي جنم ڏنو، الخدمت فائونڊيشن جماعت اسلامي جي طرفان ميھڙ سٽي ھوٽل ڀرسان قائم ڪيل ٽينٽ سٽي ۾ ٻوڏ متاثرين حبدار علي سولنگي ، محمد صادق سوڍر ۽ صداقت سوڍر جي گھرن ۾ ٽن ٻارڙن جنم ورتو آھي جنھن ۾ ويم جو خرچ بہ سماجي تنظيم پاران ڪيو ويو آھي ٻوڏ متاثرين ميھڙ ڀرسان راھب سولنگي جو رھواسي حبدار سولنگي، اشرف سوڍر ۽ عبدالله سوڍر ڳوٺ جا رھواسي محمد صادق سوڍر ۽ صدورو سوڍر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺن ۾ ٻوڏ جو پاڻي اچڻ سبب گذريل ڏيڊ مھيني کان ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل آھيون. تعلقي اسپتال ، مختيارڪار ميھڙ ، اي سي ميھڙ  پاران ڪو به سھڪار نه ڪيو ويو ۽ سماجي تنظيم جي اڳواڻن مدد ڪئي آھي. ٻوڏ سبب علائقن ۾ تباھي آئي آھي پر ھن ڏکوئيندڙ ماحول ۾ ٻارڙن جي جنم تي خوشي محسوس ٿي آھي.