ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج سهيل پرويز قريشي جي عدالت جهيڙي جو ڏوهه ثابت  ٿيڻ تي خيرپور ناٿن شاهه جي رهواسي سڳن ڀائر جوابدارن سيد اعجاز شاهه ۽ سيد اختر شاه کي 2-2 سال سزا ۽ 20-20 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. جوابدارن تي خيرپور ناٿن شاهه ٿاڻي تي گناه نمبر 201/2020 تحت  جوبدارن جي سڳي سئوٽ مسمات امبرين شاه جي فرياد تي جهيڙي جو ڪيس داخل هيو جيڪو ثابت ٿيڻ تي عدالت کين سزا جو فيصلو ٻڌائي جوابدارن کي جيل موڪلي ڇڏيو آھي.