ميھڙ(ن پ ا) تعلقي اسپتال ميھڙ جي ايمبولينس مريضن جي ڪم اچڻ بدران بااثرن کي راشن پھچائڻ واري ڪم ۾ مصروف ٿي وئي آھي. ايمبولينس ميھڙ جي مختيارڪار آفيس ۾ ٻوڏ متاثرين جي سامان رکڻ جو ويڊيو وائرل ٿي وئي آھي، جنھن ۾ اسپتال ميھڙ جي ايمبولينس ۾ راشن رکيو پيو وڃي. ھوڏانھن ڪالهه منجنھند ميھڙ جي ٻوڏ متاثر ڳوٺ ورند جا ڀاڻ جي عورت جيڪا ميھڙ باء پاس تي ويٺل ھئي گيسٽرو تڪليف سبب کيس ايمبولينس نه ملڻ ڪري لاڙڪاڻي منتقل نه ٿي سگھي ۽ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي پر کيس ايمبولينس نه ملي ھئي ٻئي طرف ميھڙ ۾ مختلف ماڻھو احتجاج ڪري رھيا آھن ته ٻوڏ متاثرين لاءِ آيل سامان متاثرين کي ملڻ بجاءِ بااثرن کي ڏنو ويو آھي ۽ وڪرو ڪيو ويو آھي ٻئي طرف رابطي تي اسسٽنٽ مختيارڪار ميھڙ سائين بخش ڪولاچي ٻڌايو ته ٻوڏ متاثرين جو سامان ايمبولينس ذريعي منتقلي بابت اسان کي ڪا به خبر ناھي. ٻئي پاسي تعلقي اسپتال ميھڙ جي ايمبولينس تي راشن کڻڻ جي ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد ايمبولينس ڊرائيور غلام نبي ڏيرو سموري مامري تان پردو کڻي ڇڏيو. ايمبولينس ڊرائيور موجب مون کي اسٽور انچارج نياز ڏيپر فون ڪري مريض کڻڻ لاء گھرايو، اتي پھتس تہ ايمبولينس ۾ راشن رکي پ پ پ اڳواڻ سردار ابو خان ٻٽ وٽ پھچائڻ جو چيو. ويڊيو وائرل ٿيڻ کان پوء پ پ پ اڳواڻ پنھنجي ڪمدار جي فون تي مون کي نالو کڻڻ تان گار گند ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏنيون آھن. ھن چيو تہ مون سان ناجائزي آھي واقعي جي جانچ ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.