ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ ڀرسان ڳوٺ غلام حسين خاصخيلي جو رھواسي فوجي جوان رياض احمد پٽ بھادر خاصخيلي ڪوئٽيہ ۾ فرضن جي ادائگي دوران شھيد ٿي ويو آهي. شھيد فوجي جوان جو مڙھ ڪوئٽيہ کان ميھڙ آندو ويو جتي ميھڙ ڀرسان حاصل کوسو قبرستان وٽ جنازه نماز بعد فوجي اعزاز سان دفنايو ويو ۽ پاڪ آرمي جي جوانن پاران کيس سلامي ڏئي گلن جي چادر چاڙھي وئي وئي فوجي جوان بلوچستان جي علائقي اوٿل ۾ ھڪ آپريشن م۾ شريڪ ھيو جتان واپس ايندي جابلو رستي تي گاڏي ڪلٽي ٿي پئي جنھن دوران فوجي جوان شھيد ٿي ويو آھي شھيد ٿيل فوجي جوان کي ھڪ نياڻي ۽ ٻن پٽن جو اولاد آھي.