ميھڙ(ن پ ا) تعليم کاتي پاران استادن جي حاضري لاءِ جيو ٽيگنگ وارو نئون سسٽم جام ٿي ويو آھي، پ ٽ الف تعلقي ميھڙ جي صدر اعجاز علي چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته تعليم کاتي پاران نئون متعارف ڪيل سسٽم پڙھائيندڙ استادن جي لاءِ پريشاني جو سبب بڻيل آھي. تعليم کاتي پاران سسٽم ۾ فني خرابي سبب ھڪ ڪلاڪ تائين استاد ڪوششون ڪندا رھيا پر سندن حاضري لڳي نه سگھي. ھن چيو ته حڪومت صرف استادن کي پريشان ڪري رھي آھي اسڪول ۾ پڙھائيندي به استاد غير حاضر رھي ٿو. ايپ جي جام ھجڻ سبب ٽائيم تي آيل استاد به ليٽ ڏيکاريا پيا وڃن. ھن چيو ته حڪومت اھڙو سسٽم متعارف ڪرائي جنھن ۾ استاد کي پريشاني بدران آساني پيدا ٿئي.