ميهڙ (ن پ ا) تعلقي اسپتال ميهڙ ۾ دوائن جي کوٽ ۽ اسپتال لاءِ آيل دوائون مبينا طور خانگي اسٽورن تي وڪرو ٿيڻ خلاف سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻن پنھل ملاح غلام شبير ملاح ارباب ملاح نياز علي ملاح رياض ملاح ديدار ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ميهڙ جي ٿيٻا روڊ کان نيشنل پريس ڪلب ميهڙ تائين احتجاجي مظاهرو ڪري  اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ۽ مريضن لاء آيل  دوائون وڪرو ڪرڻ خلاف نعريبازي ڪئي ان موقعي تي هنن چيو ته سرڪاري اسپتال ۾ دوائن جي سخت کوٽ آھي غير قانوني طور اسٽور انچارج جي چارج رکندڙ اسٽور انچارج نياز ڏيپر اسپتال لاء آيل دوائون وڪرو ڪري رهيو آھي اسپتال ايندڙ مريضن کي خالي موٽايو پيو وڃي هنن گهر ڪئي ته اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ختم ڪري دوائن جي وڪري جي جانچ ڪري غير قانوني چارج رکندڙ اسٽور انچارج کي هٽايو وڃي.