اسلام آباد: سنڌ مان چونڊيل ميمبرن پنهنجي اثاثن ۾ سينيمائن جي ڪاروبار جو به ذڪر ڪيو آھي، نوشهري  فيروز مان چونڊيل سنڌ اسيمبلي ميمبر سيد مراد علي شاهه پنهنجي اثاثن ۾ 5 بند ٿيل سينيمائون به ظاهر ڪيون آهن، جن ۾ ٺارو شاهه ۾ 1956ع ۾ 92 هزار جي لاڳت سان قائم ٿيل نور محل سينيما، 1983ع ۾ 54 هزار جي لاڳت سان قائم ٿيل ڀريا شهر ۾ تاج محل سينيما، 1979 ۾ قائم ٿيل هڪ لک 30 هزار جي لاڳت سان قائم ٿيل پڊعيدن ۾ مهراڻ سينيما، 1973ع ۾ هڪ لک 75 هزار 946 رپين جي لاڳت سان قائم ٿيل درياهه خان مري ۾ ناز سينيما، 1974ع ۾ 2 لک 53 هزار 590 رپين جي لاڳت سان قائم ٿيل ڪنڊيارو ۾ وينس سينيما شامل آهن. جڏهن ته پي ايس 41 سانگهڙ تان چونڊيل سنڌ اسيمبلي ميمبر علي غلام به پنهنجي اثاثن ۾ 10 لک ماليت سان قائم ٿيل سرتاج سينيما ظاهر ڪئي آهي، جنهن بابت ڄاڻايو ويو  آهي ته اها 15 سالن کان وڌيڪ عرصي کان بند آهي. جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ خيرپور مان چونڊيل سيد جاويد علي شاهه جي والد جي به جاويد سينيما قائم هئي جنهن کي ختم ڪري ان ايراضي کي جاويد شاهه جيلاني گهر جو حصو بنائي ڇڏيو آھي انڪري ان اثاثن ۾ سينيما جو ذڪر نه ڪيو آھي