ھڪڙو ڳوٺاڻو بوڇڻ ڪلھي تي رکي تيل ڦليل ڪيون ڳوٺ کان وڃي رھيو ھو ، ايندڙ ويندڙ ھمراھ کانئس پڇيو ڏي خبر ڪاڏي تياري آ، سڀني کي ڏند ڪڍي چوندو پيو وڃي ميلي تي ٿو وڃان ، سڀني ارمان مان پئي ڏٺس ته جيڪر اسان کي به موقعو ملي ھا ته اسان به ميلو ڏسي اچون ھا

                         ھمراھ ميلي ۾ ويو گھميو ڦريو چاٽ چٽڻي کاڌي موت جا کوھ وات پٽي ڏٺا ، آخر شام ٿي وئي ھن ڪلھي تي رکيل بوڇڻ سنڀاليو ته اھو ھو ئي نه، ھن وڏو ڳوليو پر کيس ميلي مان ڪٿان ٿو مليس وڃايل بوڇڻ

                         مايوس ٿي منھن لٽڪائي واپس ڳوٺ اچي رھيو ھو ته ساڳيا ھمراھ مليس ، ڏي خبر پيارا ميلي ۾ مزو ھو چيائين ميلو ٻيلو ڇاجو ھنن ته سڄو ڊرامو ڪيو ھو منھنجو بوڇڻ چورائڻ لاءِ

                         سو اسانکي به سدائين کان اليڪشن مسلماني پاڪستان جي نالي تي ھر روز نئون ميلو ڏيکاري اسانجا سڀ ٽپڙ ڦري ٿا وڃن ۽ اسان ان ڳوٺاڻي وانگر پاروٿو ٻوٿ ڪيون ٿا وتون پوءِ رڳو ھڪٻئي لاءِ شينھن ٿوري ڳالهه تي سموري باھ ھڪ ٻئي تي ٿا ڪڍون ٿوري ڳالھ تي سٽڪا ھمراھ زخمي اسپتالون ٿاڻا ڪورٽون وڪيل ، خدا اسان کي سمجهه ڏي. (فيس بوڪ تان ورتل)