لاطيني آمريڪا جي فٽبال مقابلي ڪوپا آمريڪا جي فائنل ۾ روايتي حريف ارجنٽائن جي هٿان برازيل کي شڪست سان گڏ ئي پهريون عالمي ٽائٽل کٽڻ لاءِ ليونل ميسي جو انتظار به ختم ٿيو، ارجنٽائن آخري ڀيرو 28 سال اڳ ڪو مقابلو کٽيو هو، ارجنٽائن کي ڪاميابي ڏياريندڙ ميسي کي ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو هن چار گول ڪيا، ارجنٽائن جي اهڙي فتح بعد فٽبال ۽ ميسي جي مداحن پاران خوشي جو اظهار ڪيو ويو سوشل ميڊيا تي پڻ جشن جهڙو ماحول رهيو، پر ميسي جي پاڪستاني مداحن اهو جشن ڪجهه ٻئي انداز ۾ به ملهايو، هڪ صارف ٽوئيٽر تي لکيو ته وزيراعظم عمران خان ليونل ميسي کي ڪوپا آمريڪا کٽڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن، وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ميسي جيڪڏهن پاڪستان جي ڪنهن به تڪ تان اليڪشن وڙهي ته آساني سان کٽي ويندو، زين ملڪ لکيو ته ميسي ڪڏهن پنهنجي مداحن کي مايوس ناهي ڪيو، محمد تابش لکيو ته آخرڪار ميسي نيشنل ليول تي هڪ ٽورنامينٽ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.