پيرس(اسپورٽس نيوز) ارجنٽائن کي ورلڊ ڪپ ۾ ڪاميابي ڏياريندڙ ليونل ميسي فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي بهترين مينز رانديگر جو ايوارڊ کٽي ورتو آهي. پيرس ۾ فيفا جي ايوارڊ تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ سال 2022ع جي بهترين رانديگرن کي ايوارڊن سان نوازيو ويو، مينز فٽبالر آف دي ايئر جي ڪيٽيگري ۾ فرانس جي امباپي، ڪريم بينزيما ۽ ليونل ميسي وچ ۾ سخت مقابلو هو پر ميسي حريفن کي پوئتي ڇڏيندي سال جي بهترين فٽبالر جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. هي ٻيو موقعو آهي ته ليونل ميسي کي فيفا طرفان بهترين مينز پليئر جو ايوارڊ ڏنو ويو آهي. گذريل سال ميسي جي ڪپتاني ۾ ارجنٽائن عالمي ڪپ پنهنجي نالي ڪيو هو جڏهن ته اسٽار فٽبالر پنهنجي ملڪ ۽ مختلف ڪلبز جي نمائندگي ڪندي سال 22-2021ع ۾ 49 مقابلن ۾ 27 گولز ڪيا هئا. ان موقعي تي ليونل ميسي چيو ته پنهنجي ملڪ کي ورلڊ ڪپ کٽرائڻ جو خواب پورو ڪري ورتو آهي، تمام گهٽ ماڻهو ايئن ڪري سگهندا آهن مان خوش قسمت آهيان.