ميرپورٻرڙو (ن پ ا) ميرپورٻرڙو مان 5 ڏينهن اڳ پوليس پاران ٻن ڀائرن ميرپور ٻرڙو ٽائون جي صفائي واري ٺيڪيدار عبدالحميد ٻرڙو ۽ چوڪيدار سائينداد ٻرڙو کي گم ڪرڻ خلاف جي يو آءِ جي سڏ تي حافظ عبدالڪريم ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ ٺل جيڪب آباد روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي، سوين گاڏيون گڏ ٿي ويون.  ان موقعي تي حافظ عبدالڪريم ٻرڙو، حاجي عبدالغفار ٻرڙو، آزاد ٻرڙو، محمد افضل ٻرڙو ۽ ٻين ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس عبدالحميد ٻرڙو ۽ سائينداد ٻرڙو  جي آزادي لاءِ رشوت گهري رهي آهي، خبر ناهي پوليس ڪهڙي ڏوھ ۾ اسان جا ٻه ماڻهو کڻائي گم ڪري ڇڏيا آهن، پريشان آهيون، اهو به نه ٿو ٻڌايو وڃي ته اسان جي ماڻهن کي ڇو ۽ ڇا لاءِ گم ڪيو ويو آهي، ملڻ به نه ٿو ڏنو وڃي. هوڏانهن ايس ايڇ او ميرپورٻرڙو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عبدالحميد ٻرڙو ۽ چوڪيدار سائينداد جي گرفتاري بابت ڄاڻ ناهي، الزام بي بنياد آهن.