ميرپورٻرڙو (رپورٽ: عبداللطيف مستوئي) ميرپور ٻرڙو ۾ ٻرڙا برادري ۾ ھلندڙ ڪارنھن تڪرار جو جرڳو زيبن ٻرڙو جي اوطاق تي صدام حسين ٻرڙو جي سرپئنچي ۾ ڳجهه ڳوھ  ۾ ٿيو. ڌرين جو ڳالهيون ٻڌڻ بعد الزام هيٺ آيل محبوب ٻرڙو واري ڌر مٿان 39 لک ڏنڊ جي فتوي جاري ڪئي وئي، ڌريون راضي ٿيڻ بعد ڪارنهن الزام هيٺ آيل ڌر موقعي تي 8 لک ادا ڪيا، جهولي جهلڻ تي ڳاڙھي ڌر جي صحبت ٻرڙو 39 لک ڏنڊ واري رقم مان 2 لک معاف ڪيا ويا، بقايا رقم ٻن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، جرڳي ۾ ڌرين کي پابند ڪيو ويو ته ميڊيا کي جرڳي جي خبر نه ڏني وڃي، جڏھن ته اھڙي جرڳي کان پوليس پڻ بيخبر رھي، ايس ايچ او ميرپور ٻرڙو جرڳي کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪئي،جرگي جي سرپئنچ صدام حسين ٻرڙو سان رابطو ڪيو ويو ته جنهن سخت لھجي ۾ چيو ته مونکي انھيءَ جرڳي جي ڪا خبر ناھي جيڪو وڻي لکي ڇڏيو ۽ ائين چوندي فون بند ڪري ڇڏيائين. ياد رھي ته هڪ مھينو پهريان ميرپورٻرڙو ۾ھيرو ٻرڙو پنھنجي ويڳي ماءُ کي گوليون هڻي قتل ڪيو ھو، جنهن جو ڪيس پڻ ساڻس مٿان داخل ڪيو ويوهو، ڌرين مامري کي لڪائڻ لاءِ ايف آءِ ۾ ڄاڻايو ويو ته ويڳي پٽ پنهنجي ماءُ کي گهرو اڻبڻت تان گوليون هڻي قتل ڪيو آهي.