ميرپور ٻرڙو (ن پ ا) ميرپور ٻرڙو ويجهو ارڙي وگهي معصوم نينگري فوت، گهر ۾ ڪهرام. خبر موجب ڳوٺ علي بخش ٻرڙو ۾ 3 ورهين جي حليما خاتون ٻرڙو ارڙي وگهي فوت ٿي وئي. ساڳي ئي ڳوٺ علي بخش ٻرڙو ۾ 2 ڏينهن اڳ پڻ هڪ ٻارڙي فوت ٿي چڪي آهي، ڳوٺاڻن موجب علائقي ۾ ڪيترائي ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جڏهن ته صحت کاتي ڪو به نوٽيس ناهي ورتو.