ميرپور ٻرڙو مان اغوا ٿيل ناري هفتو گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي، احتجاج

0
206

ميرپور ٻرڙو (ن پ ا) ميرپور ٻرڙو مان اغوا ٿيل ناري ڪليم ٻائي هڪ هفتو گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي، ناري جي وارثن ۽ هندو برادري طرفان پوليس خلاف مظاهرو، ناري جي بازيابي لاءِ نعريبازي، ڪليم ٻائي جي وارثن دانهيو آهي ته پوليس ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو، ناري کي بازياب ڪرائڻ لاءِ به ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ويو، هٿياربندن گذريل رات ٻيهر گهر تي حملو ڪيو، جنهن دوران ڳوٺاڻن سان گڏجي هڪ جوابدار رحيم داد ٻرڙو کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو، پر پوليس کيس آزاد ڪري ڇڏيو، پوليس ناري کي بازياب ڪرائن بدران جوابدارن کي تحفظ ڏئي رهي آهي، ناري وارثن طرفان اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.