ميرپور ٻرڙو (ن پ ا) ميرپور ٻرڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ پٺاڻ خان ٻرڙو ۾ ٻرڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي ٺل جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، زخمين ۾ الله بخش ٻرڙو، مختيار ٻرڙو، ڪريم بخش ٻرڙو، لالو ٻرڙو ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته مختيارٻرڙو جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کيس جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو آهي، ميرپور ٻرڙو ٿاڻي تي ٻنهي ڌرين جي 10ڄڻن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي.