ميرپور ماٿيلو ۾ پوليس جي نجي ٽارچر سيل واري معاملي جي جاچ جاري

0
289

ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپور ماٿيلو ۾ پوليس جي نجي ٽارچر سيل واري معاملي جي جاچ جاري، اي ايس پي جي سربراهي ۾ جڙيل جاچ ڪميٽي طرفان اڄ ايس ايس پي گهوٽڪي آڏو رپورٽ پيش ڪئي ويندي، گذريل ڏينهن ٽائيم نيوز طرفان ميرپور ماٿيلو ۾ جمعدار جي جاءِ تي پوليس جي نجي ٽارچر سيل جا فٽيجز هٿ ڪيا هئا، ٽارچر سيل جي نشاندهي تي پوليس ٽائيم نيوز جي رپورٽر سوڌو ٻين صحافين کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو هو، ايس ايس پي گهوٽڪي جو چوڻ آهي ته نجي ٽارچر سيل ۽ صحافين تي تشدد واقعي جي رپورٽ ملڻ بعد ذميوارن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو.