ميرپور ماٿيلو: نڌڻڪائپ ۾ فوت ٿيل گداگر عورت جي سڃاڻپ ٿي وئي

0
95

ميرپور ماٿيلو ۾ نڌڻڪائپ جي حالت ۾ فوت ٿيل گداگر عورت جي سڃاڻپ صادق آباد واسڻ ڪويتا طور ٿي وئي

پوليس ڪويتا جو لاش ۽ سندس ٻئي ٻار سندس مڙس بالم جي حوالي ڪري ڇڏيا

گذريل ڏينهن ڪويتا جي فوت ٿيڻ بعد سندس لاش تي روئندڙ  ۽ ماني کائيندڙ ٻارن جي وڊيو شهرين جو جيءُ جهوري وڌو هو

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي بالم چيو ته زال ڪويتا بيمار هئي، کيس ٻارن سان گڏ ڇڏي پنڻ ويس ته پٺيان زال گذاري وئي

 بالم پنهنجي زال ڪويتا جو مڙهه کڻائي ٻارن سان گڏ صادق آباد روانو ٿي ويو