ميرپور ساڪرو(ن پ ا) ميرپور ساڪرو شھر ۾ معمولي ڳالهه تان پٺاڻ ۽ چنا برادريَ جي ٻن  ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 13 ورھين جو غلام حسين چنا ۽ عبدالرحمان چنا زخمي ٿي پيا جن کي شيخ زيڊ ميڊيڪل سينٽر ميرپور ساڪرو آندو ويو جتان 13 ورھين جي غلام حسين چنا کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو واقعي جي اين سي ميرپور ساڪرو ٿاڻي تي داخل ڪئي ويئي آهي.