ميرپورساڪرو(ن پ ا)يوسي گهگهي ڀرسان ڳوٺ مراد خاصخيلي  جا رهواسي چوپايو مال ڪوهستان ڪاهي وڃي رهيا هئا ته لڌيا اسٽاپ ويجهو نامعلوم  ڪار گاڏي جي ٽڪر ۾ 28 ورهين جو صدر ولد پوپٽ خاصخيلي زوردار ٽڪر سبب فوت ٿي ويو ۽ 35 سالا صدام حسين ولد حسين خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيو جنهن جي ٽنگ پڻ ٽٽي پئي جڏهن ته 2 مينهون پڻ مري ويون. زخمي کي بعد ۾ ڪراچي ريفر ڪيو ويو.