ميرپورساڪرو(ن پ ا) ميرپور ساڪري ويجھو نينگر برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت  ٿي ويو. ان ڏس ۾ ميرپورساڪرو ڀرسان ڳوٺ رشيد ٽيٻاري ۾ 12 ورھين جو نينگر پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو ڳوٺ رشيد ٽيٻاري جو رھواسي نينگر شيدو پٽ عيدو ٽيٻاري   برساتي پاڻي جي کڏي ۾  ٻڏي فوت ٿي ويو نينگر کي شيخ اسپتال ميرپورساڪرو آندو ويو جتان ڊاڪٽر فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي نينگر جو لاش ضروري ڪارروائي  بعد وارثن حوالي نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.