ميرپور ساڪرو(ن پ ا)ميرپور ساڪرو لڳ لڌيا اسٽاپ ويجهو ٽائر برسٽ ٿيڻ سوزوڪي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن سبب مرد عورتن ٻارن سوڌو 30 کان وڌيڪ ماڻهوَ سخت زخمي ٿي پيا. ان ڏس ۾ ساڪرو لڳ لڌيا اسٽاپ ويجهو مزدوري لا ويندڙ ڳوٺ انب رٽو جي  رھواسين جي ڀريل سوزڪي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي ويئي جنهن جي نتيجي ۾ مرد ٻارن عورتن سوڌو 30 ماڻهوَ زخمي ٿي پيا جن کي شيخ زيڊ ميڊيڪل سينٽر ميرپور ساڪرو آندو ويو جتان زليخان، خيران، پري ۽ ٻين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو.