ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپور خاص ۾ مرغي جو ڪچرو کڻي ويندڙ شھزور ڪلٽي، گاڏي جو گئس سلينڊر ڦاٽي پيو، باهه لڳڻ سبب ڪلينر سڙي ٿڏي تي فوت، ڊرائيور مرڻينگ، شهر مان مرغي جو ڪچرو کڻي ويندڙ شھزور ڪچرو ڦٽو ڪري واپس اچي رهي هئي ته ڪوس گھر وٽ تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن دوران گاڏي جو سلينڊر ڦاٽي پيو ۽ گاڏي کي باهه لڳي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ ٽنڊو آدم ناڪي جو رھواسي گاڏي جو ڪلينر 22 سالن جو خادم علي سولنگي سڙي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته گاڏي جو ڊرائيور اشرف سولنگي سڙي سخت زخمي ٿي پيو، واقعي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال ميرپورخاص آندو، جتان زخمي اشرف سولنگي کي ڳڻتي جوڳي حالت ھئڻ سبب حيدرآباد نيو ويو، جڏهن ته فوتي جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي ۽ زخمي پاڻ ۾ مامو ڀاڻيجو آهن.