ميرپور خاص: مختيار ڪار پاران متاثرن جو وڪرو ڪيل سامان هٿ

    0
    97

    ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپور خاص ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل سامان راشن بيگ ۽ ڪمبل وڪرو ڪرڻ جي الزام ھيٺ گرفتار مختيارڪار عبدالقيوم لغاري کي اڄ ٻيھر اينٽي ڪرپشن جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، ھوڏانھن اينٽي ڪرپشن پوليس وڪرو ڪيل سامان ھٿ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، سرڪل آفيسر عبدالفتاح مھر جو چوڻ آهي ته جاچ دوران ٻوڏ متاثرن لاءِ آ يل سامان جا تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته ڪمبل، راشن، ٽينٽس ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن ڪئي وئي آھي، هن چيو ته جاچ دوران جيڪڏهن وڌيڪ ڪنهن ملازم توڙي ڪاموري جي ملوث هجڻ جا ثبوت مليا ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.