ميرپور خاص ضلعي ۾ 71 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب: 1259 اميدوارن ۾ مقابلو: پ پ ۽ ايم ڪيو ايم آمهون سامهون

0
171
ميرپور خاص ضلعي ۾

ميرپورخاص (رپورٽ: روي شنڪر مالهي) ميرپورخاص ضلعي  ۾ مڪاني چونڊن جون سرگرميون جاري آهن، آزاد توڙي پ پ جي مخالف اميدوارن پاران پ پ جي اميدوار تي هراسان ڪرڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي الزامن سميت آر اوز تي به ڌر  ٿيڻ جا الزام هنيا پيا وڃن

مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ ميرپورخاص ضلعي جي  هن وقت تائين جي صورتحال ۽ الڪيشن ڪميشن جي انگن اکرن موجب پوري ضلعي مان ڪل  71  اميدوار بنامقابلي ڪامياب ٿيا آهن، جن ۾ 4 آزاد اميدوارن ۽ 67  ڄڻن جو تعلق پيپلز پارٽي سان آهي، جن ۾ ڪامياب ٿيندڙن جو تعلق ضلعي جي مختلف تعلقن جي اڪثر ٻهرڙاري جي علائقن سان آهي

جڏهن ته  ميرپورخاص ميونسپل ڪارپوريشن ۾ ڪو به اميدوار بنا مقابلي ڪامياب نه ٿي سگهيو، اليڪشن ڪميشن جي انگ اکرن موجب ميرپورخاص َضلعي ۾ ڪل 1330 اميدوار مڪاني چونڊن ۾ حصو ورتو آهي، جن ۾ ڪل 71 اميدوار بنامقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن، جن ۾ 9 چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين مخلتف يوسين مان بنامقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن، جڏهن ته سمورا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين پ پ جي ٽڪيٽ تان ڪامياب ٿيا آهن

غلام حسين،بهزاد حسين ٽالپر، نديم، غلام نبي جوڻيجو ۽ ٻيا شامل آهن،اهڙي ريت 54 يونين ڪائونسلن مان 8 اميدوار بنا مقابلي ۾   ضلعي ڪائونسل ميمبرن چونڊجي ويا آهن، جن ۾ 7 ڄڻن جو تعلق پيپلز پارٽي ۽ هڪ آزاد اميدوار جو آهي، جن ۾ ايم اين اي مير منور علي ٽالپر جو ڀاءِ  اڳوڻو ضلعي ڪائونسل چيئرمين مير انور علي ٽالپر سميت ٻيا شامل آهن، اهڙي طرح پوري ضلعي جي 304 مخلتف وارڊن تان 54 جنرل وارڊ ميمبر به بنا مقابلي وارڊ ميمبر چونڊجي ويا آهن، واضح رهي ته بنامقابلي ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جو تعلق ضلعي جي مختلف تعلقن جي ٻهراڙي جي علائقن سان آهي، جڏهن ته ميرپورخاص ميونسپل ڪارپوريشن ۾ ڪو به اميداور بنامقابلي ڪامياب نه ٿي سگهيو  آهي، شهر ۾ مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ سخت مقابلا ٿيندي نظر اچن پيا، جڏهن ته مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙن  پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ آزاد اميدوار شامل آهن

جڏهن ته ڪيترن ئي آزاد اميدوارن کي ايم اين اي علي نواز شاهه جو ڀرپور ساٿ حاصل آهي، جيڪو  پ پ کان باغي ٿي ميرپورخاص جي قومي تڪ تان آزاد حيثيت سان ڪامياب ٿيو هو ۽ پي ٽي آئي جي حڪومت  جو ساٿ ڏنو، جڏهن ته عمران خان خلاف عدم اعتماد واري تحريڪ ۾ مخالفن جو ساٿ ڏنو. جڏهن ته مخلتف علائقن ۾ اميدوارن پاران ڪارنر ميٽنگس، ريليون ۽ جلسا ڪري مهم جو ڪم جاري آهي، هوڏانهن پ پ پاران ايم ڪيو ايم کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ شهر جي مختلف گلين ۾ ترقياتي ڪم جاري آهن، مخلتف گلين ۾ پيور بلاڪ سان روڊ ٺاهيا پيا وڃن