ميرپور خاص: ضلعي جي 15 لک 5 هزار 876 آبادي مان  8 لک 43 هزار 89 ڄڻا ووٽ جو حق ادا ڪري سگهندا، جنهن ۾ 4 لک 54 هزار 995 مرد ۽  3 لک 88 هزار 94 عورتن جا ووٽ شامل آهن، سموري ضلعي ۾ 785 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾ 245 ميل، 239 فيميل ۽ 301 گڏيل پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جڏهن  ته 22 سئو 55 پولنگ بوٿ به قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ 11 سئو 96 مرد ۽ 1 هزار 59 عورتن سان پولنگ  بوٿ شامل آهن، ٻن ٽائون ميونسپل  ڪارپوريشن مير شير محمد خان ٽالپر۽ سيد خادم علي شاهه   تي مشتمل  ميرپورخاص ميونسپل ڪارپورشين ۾ ووٽرن جو ڪل تعداد 2 لک 13 هزار 613 آهي، جن ۾ مردن جا 1 لک 15 هزار 166 ووٽ  ۽ عورتن جا 98 هزار 4 سئو 47 ووٽ شامل آهن، جڏهن ته ڪارپوريشن ۾ ڪل 211 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾ 96 مرد، 91 عورتن ۽ 24 گڏيل پولنگ اسٽيشنون شامل آهن، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن مير شير محمد خان ٽالپر ۾ ڪل 1 لک 14 هزار 367  ووٽ داخل آهن، جن ۾ مردن جا 62 هزار 63 ۽ عورتن جا 52 هزار 304  ووٽ شامل آهن، اهڙي ريت ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن سيد خادم علي شاهه ۾ ڪل 99 هزار 2 سئو 46 ووٽرز آهن، جن ۾ 53 هزار 103 مرد ۽ 46 هزار 143 عورتن جا ووٽ شامل آهن، ميرپورخاص ضلعي جي تعلقن جي تفصيلن موجب تعلقي سنڌڙي ۾ ڪل 1 لک 12 هزار 404 ووٽرز آهن، جن ۾ 61 هزار 667 مردن ۽ 50 هزار 737 عورتن جا ووٽ داخل آهن، جن لاءِ ڪل 91 پولنگ اسٽيشنون قا.م ڪيون ويون آهن، جن ۾ 18،18 مردن ۽ عورتن جڏهن ته 55 گڏيل پولنگ اسٽيشنز شامل آهن، تعلقي حسين بخش مري جي يونين ڪائونسلن 13 کان 17 ۾ ڪل 50 هزار 131 ووٽ آهن، جن ۾ 28 هزار 837 مرد۽ 22 هزار 294 عورتن جا ووٽ داخل آهن، جتي ٽوٽل 44 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، ۾ 24 گڏيل ۽ 10،10 مردن ۽ عورتن جون پولنگ اسٽيشنز شامل آهن، اهڙي ريت تعلقي شجاع آباد ۾ ڪل 75 هزار 879 ووٽرز مان 40 هزار 9 سئو 63 مرد ۽ 43 هزار 9 سئو 16 عورتن جا ووٽ شامل آهن، جن لاءِ ڪل 72 پولنگ اسٽيشز مان 34 گڏيل ۽ 19،9 مرد ۽ عورتن جون پولنگ اسٽيشنز شامل آهن، اهڙي طرح تعلقي ڪوٽ غلام محمد ۾ ٽوٽل 1 لک 63 هزار 612 ووٽرز آهن، جن ۾ 87 هزار 313 مردن ۽ 76 هزار 299 عورتن جا ووٽ شامل آهن، انهي تعلقي ۾ ٻين تعلقن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ ۽ پولنگ اسٽيشنون شامل آهن، جن ۾ ڪل 148 پولنگ اسٽيشنز مان 56 گڏيل ۽ 46، 46 مردن ۽ عورتن جون پولنگ اسٽيشن شامل آهن، تعلقي ڊگهڙي ۾ ڪل 1 لک 23 هزار 593 ووٽرن مان 66 هزار 281 مردن ۽ 57 هزار 312 عورتن جا ووٽ شامل آهن، جتي ڪل 118 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾ 29 مردن، 28 عورتن ۽ 61 گڏيل پولنگ اسٽيشنز شامل آهن،اهڙي طرح تعلقي جهڏي ۾ ڪل 1 لک 3 هزار 857 ووٽرز مان 55 هزار 768 مردن ۽ 48 هزار 89 عورتن جا ووٽ داخل ٿيل آهن، جن لاءِ ڪل 102 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾ 48 گڏيل ۽ 27،27 مردن ۽ عورتن جون پولنگ اسٽيشن قائم آهن،