ميرپور خاص جي ٽيم هٿان ڪراچي کي شڪست

0
202

ميرپورخاص (رپورٽ:روي شنڪر مالھي) ميرپورخاص ۾ سينئر ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ميرپورخاص جي ٽيم ڪراچي جي ٽيم کي شڪست ڏئي 3 پوائنٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ميرپورخاص پهرين اننگ ۾ 181 رنز ٺاهيون، محمد صدار 53، سليمان 43 ۽ نبيل 29 رنز اسڪور ڪيو. ڪراچي طرفان ڪاشف خان 4، عبدالله مقدم 3 ۽ رحمان غني ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. جواب ۾ ڪراچي زون سيون 162 رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي. ڪاشف 66، پرويز علي 30 ۽ زبير 21 رنز اسڪور ڪيون. ميرپورخاص طرفان شيران ملڪ 5 ۽ محمد سليمان 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ميرپورخاص ٻي اننگ ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنز ٺاهي اننگ ڊڪليئر ڪئي ۽ ڪراچي ميچ ختم ٿيڻ تان 36 رنز اسڪور ڪيو، جنهن بعد ميچ بنا نتيجي ختم ٿيڻ تي ميرپورخاص ٽيم کي ٽي پوائنٽ ڏنا ويا.